پاڪستانسنڌ

اسلام ڪُوٽ ۾ ٿرڪول منصوبن جي متاثر ڳوٺاڻن جو احتجاجي ڌرڻو

اسلام ڪوٽ: ٿرڪول ايريا جي ڳوٺن جا متاثر ماڻهو ماحولياتي گدلاڻ، ڪمپنين ۽ سرڪار جي ناانصافين خلاف روڊن تي نڪري آيا، گذريل ڏينهن ٿرڪول بلاڪ ون ۽ بلاڪ ٽو سميت گوڙاڻو ۽ ڌُڪڙڇو جي ڳوٺن جا متاثر ماڻهو عورتن سميت پريس ڪلب پهچي ويا. ڳوٺن وروائي، ڌُڪڙڇو، گوڙاڻو، ٿاريو هاليپوٽا، تلوايو ۽ کاريو غلام شاھه جي ڳوٺاڻن ڀيمراج ميگهواڙ، ديدار ڀيل، آڪاش هميراڻي، گل محمد لنجو، موهن، عبدالعزيز هاليپوٽو، عبداالله چهاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو 3 ڪلاڪ اُس ۾ ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي. اُن موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته ٿرڪول منصوبن تي ڪم ٿيڻ بعد وڏي ماحولياتي تبديلي آئي آهي، بلاڪ ون جي چمنين ۽ پاور پلانٽ جي زهريلي دونهين پاسي وارن ڳوٺن کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، هر پاسي تباهي کانسواءِ ڪجھه نظر نه ٿو اچي. هنن چيو ته گوڙاڻو ۽ ڌڪڙڇو ڊئم ٺاهي اسان جي تباهي ڪئي وئي آهي، ڊئمن سبب زير زمين پيئڻ جو پاڻي ختم ٿي ويو آهي، ڊئمن ۾ چوپايو مال اندر مري رهيو آهي ۽ پائيپ لائين مختلف هندن تان ٽٽي رهي آهي، ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو آهي، ٿرڪول جي منصوبن تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون مقامي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙا هڻي رهيون آهن، روزگار ۾ مقامي ماڻهن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ڪير حقن جي لاءِ احتجاج ٿو ڪري ته اُنهي تي ڪيس داخل ٿا ڪيا وڃن. ڳوٺاڻن 16 نقاطي مطالبا پيش ڪندي گُهر ڪئي ته ڊي سي جي نگراني ۾ ضلعي سطح تي ٿرڪول بلاڪ ۽ ڳوٺ وائز ڪميونٽي بيس تنظيم ٺاھي وڃي، ڪميٽي جي مقرري کي پابند ڪيو وڃي، ٿرڪول بلاڪ ھڪ ۽ ٻه ايريا سميت سڌي ۽ اڻ سڌي طرح متاثرين لاءِ پاڻي، زمين، لڏپلاڻ، روزگار، صحت، تعليم، سماجي ماحولياتي ۽ رائلٽي لاءِ واضع پاليسي جوڙي ان تي عمل ڪيو وڃي ۽ ٻيا مطالبا مڃيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button