پاڪستانسنڌ

ورڪشاپ لڳ شاخ کي گهارو، سئو ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ

ورڪشاپ: ورڪشاپ ويجهو آر ڊي نمبر 11 وٽان فيڊر شاخ کي 30 فوٽ گهارو لڳي ويو، گهارو لڳڻ ڪري فصل ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. تفصيل موجب جمڙائو ڪنئال مان نڪرندڙ فيڊر شاخ کي آر ڊي نمبر 11 وٽان گهارو لڳي ويو، گهارو لڳڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته آبپاشي عملي کي وقت سر اطلاع ڏنو، ان باوجود عملو نه پهتو، ان ڪري سئو ايڪڙن کان وڌيڪ بيٺل فصل ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button