پاڪستانسنڌ

مقصودي رند ۾ ايس ڊي او خلاف آبادگارن جو مظاهرو

مقصودو رند: مقصودو رند لڳ سرهاري شاخ ۽ اڄاڻو شاخ تي آبپاشي عملدارن هٿرادو وارابندي ڪري شاخون بند ڪري ڇڏيون، جنھن سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل لکين رپين جا تيار ڪيلن، ووئڻن، سارين ۽ ڀاڄين جا فصل سڪي تباھه ٿي ويا. آبادگارن حسين بخش مگسي، حاجي خان رند، محمد سليم رند، حاجي خان رند، محمد جمن انڙ، زنوار ميهار انڙ، حسين بخش مگسي، رجب زرداري ۽ ٻين نٽهڻ اُس ۾ ٽگهاٽي موري تي سخت احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته ايس ڊي او آبپاشي بدرالدين ميمڻ ڳري رشوت عيوض سرهاري ۽ اڄاڻو شاخن جي حصي جو پاڻي لنڊو شاخ جي آبادگارن کي وڪرو ڪري رهيو آھي، لنڊو شاخ جا آبادگار بااثر آهن ۽ ايس ڊي او سندن ونگار وهندي اسان جي حصي جو سمورو پاڻي وڪرو ڪري رهيو آھي، جنهن سبب سرهاري ۽ اڄاڻو شاخ تي صرف ھفتي ۾ ٽي يا چار ڏينهن پاڻي ڏنو ٿو وڃي، جيڪو پڇڙي جي آبادگارن کي ملي ئي نٿو، پر منڍ جي آبادگارن کي به پورو نٿو پوي، جنهن ڪري آبادگارن جا ڪاهيل لکين رپين جا فصل سڪي تباهه ٿي رهيا آھن. وقت تي پاڻي نه مليو ته فصل سڪي تباهه ٿيندا. هنن آبپاشي کاتي جي اختيارين کان گهر ڪئي ته ايس ڊي او بدرالدين ميمڻ کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪري پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button