پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ لڳ نينگري بيماري کان تنگ ٿي انت آڻي ڇڏيو

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان 16 ورهين جي نينگري بيماري کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو. ڳوٺ ڀوڄاسر ۾ 16 ورهين جي نينگري پوڄا ڌي بالو ميگهواڙ گهر جي واش روم اندر رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو. وارثن موجب نينگري جو دماغي توازن ٺيڪ نه ھو، گذريل ھڪ سال کان نفسياتي ماھر ڊاڪٽر امير علي شاھه وٽ زير علاج ھئي. هوڏانهن پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي اسلام ڪوٽ جي آر ايڇ سي سينٽر آندو، جتي بنا پوسٽ مارٽم جي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آھي. ڊاڪٽر موجب نينگريءَ جو دماغي توازن ٺيڪ نه ھو، اھڙو سرٽيفڪيٽ پڻ وارثن وٽ آھي، وارث پوسٽ مارٽم نٿا ڪرائٔڻ چاھين. پوليس موجب پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر ڏنو ويو آھي، وڌيڪ وارث ڪا ڪاروائي نٿا ڪرائڻ چاھين. ايس ايڇ او قادر بخش بهراڻي رابطي تي ٻُڌايو ته نينگري جا وارث چون ٿا ته نياڻي جو دماغي توازن ٺيڪ نه هو،مسلسل علاج هلندڙ هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button