پاڪستانسنڌ

ڄام نواز علي ۾ نوجوان بيدردي سان قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش

ڄام نواز علي:ڄام نواز علي ٿاڻي جي حد ڪاڪو پير لڳ ڳوٺ مير جان بروهي ڀرسان اڻڄاتل جوابدار پسٽل جا فائر ڪري 22 سالن جي نوجوان پنهون پٽ ڏانهيو ڀيل کي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع موجب هڪ جوابدار خالد مري جهول ٿاڻي تي پهچي پسٽل سميت گرفتاري ڏئي ڇڏي. واقعي جي اطلاع تي ڄام نواز علي پوليس پهچي واقعي واري هنڌ تان مقتول جو لاش کڻائي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب پنهون ڀيل جو لاش ڳوٺ ڀرسان فصل مان مليو، جنهن کي کڻائي اسپتال پهچايو، لاش پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو آهي، وارثن اڃا ڪوبه بيان نه ڏنو آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول هلي رهيا آهن ته جوابدار خالد پٽ جلال مري ڪارنهن جي الزام ۾ پسٽل جا فائر ڪري پنهون ڀيل کي قتل ڪيو آهي. جوابدار جهول ڀرسان سهڻي ڌرتي جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، قتل ٿيل پنهون ڀيل ڳوٺ محراب رند جو رهواسي ويٺل ٻڌايو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button