رانديون

پاڪستان جي سلور ميڊل کٽيندڙ هاڪي ٽيم رڪشن ۾ سفر ڪيو

جونيئر ايشيا هاڪي ڪپ ۾ پاڪستان کي سلور ميڊل کٽي ڏيندڙ هاڪي ٽيم جا رانديگر رڪشي ۾ سفر ڪندي نظر آيا آهن. ميڊيا مطابق جونيئر ايشيا هاڪي ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم فائنل ۾ شڪست کائي سلور ميڊل ماڻيو هو، پر ڏيهه واپسي تي ساڻن هيرو طور استقبال ڪرڻ بدران انهن کي رڪشن ۾ سفر ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽر عمران نذير هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هاڪي رانديگر رڪشا ۾ سفر ڪرڻ بعد ان مان لهي سامان کڻي اسٽيڊيم ڏانهن وڃي رهيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ رانديگرن جي 3 ڏينهن اڳ ڏيهه پهچڻ تي اختيارين استقبال ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button