رانديون

گوجرانوالا ۾ ريسلنگ مقابلا، پهلوانن زور آزمائي حيران ڪيو

پنجاب جي شهر گوجرانوالا ۾ نيشنل ماس ريسلنگ جا مقابلا ٿيا آهن، جن ۾ عورت ۽ مرد پهلوانن زور آزمائي ماڻهن کي حيران ڪيو آهي. ميڊيا مطابق گوجرانوالا ۾ منعقد ٿيل ايونٽ ۾ ملڪ جي چئن صوبن مان 200 کان وڌيڪ عورت ۽ مرد ريسلرن ايونٽ ۾ شامل ٿي پاڻ ملهايو، جنهن دوران انهن جسماني زور، داءَ ۽ پيچ آزمايا آهن. جڏهن تھ پهلوانن جي هنر واري راند ڏسندڙن کي سحر ۾ آڻي ڇڏيو ۽ اهي کين داد ڏيڻ بنا رهي نھ سگهيا. هوڏانهن مقامي اختيارين ريسلنگ جي ڄاڻايل ايونٽ کي ايشين گيمز جي تياري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button