لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ايشيا ڪپ جي بائيڪاٽ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو. ڪرڪيٽ پاڪستان جي رپورٽ موجب گذريل ڏينهن ڀارتي ميڊيا مان خبر آئي ته جيڪڏهن ايشيا ڪپ جي ميزباني گرين شرٽس جي هٿ مان وئي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ جو بائيڪاٽ ڪندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين اهڙن بيانن کي بي بنياد ۽ حقيقت جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان سمجهون ٿا ته ٽورنامينٽ جا مضبوط امڪان آهن، ڀارت کي پنهنجي ضد ڇڏڻي پوندي. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي فيصلي جي انتظار ۾، پي سي بي پڻ ڀارت ۾ ايندڙ ورلڊ ڪپ 2023 جي تياري لا هڪ ٽه ڌري سيريز منعقد ڪرڻ جو منصوبو پڻ رٿيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب پي سي بي ڏکڻ آفريڪا ۽ آئرلينڊ تي مشتمل ٽي ٽوئنٽي سيريز ڪري سگهي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close