رانديون

آءِ سي سي رينڪنگ، ٽيسٽ ۾ بابراعطم کي هڪ درجي جي ترقي

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، بابر اعظم ٽيسٽ رينڪنگ ۾ هڪ درجي جي ترقي حاصل ڪري ورتي آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نئين رينڪنگ موجب قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم آءِ سي سي ٽيسٽ بيٽسمين رينڪنگ ۾ هڪ درجو بهتري ڪري 862 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي. آسٽريليا جو مارنوس لبوشين 915 پوائنٽس سان پهرين، نيوزيلينڊ جو ڪين وليمسن 883 پوائنٽس سان ٻئين ۽ اسٽيو سمٿ 872 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي.

ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل کيڏندڙ ڀارتي ٽيم جو ڪو به بيٽسمين رينڪنگ ۾ ٽاپ 10 پوزيشن ۾ موجود ناهي. ٻئي طرف ٽي-20 رينڪنگ ۾ سوريا ڪمار ياديو پهرين، محمد رضوان ٻين ۽ بابراعظم ٽين نمبر تي موجود آهن، اهڙي طرح ون ڊي ۾ ڪپتان بابر اعظم جو راڄ برقرار آهي، جڏهن ته فخر زمان ۽ امام الحق جي ٽين ۽ چوٿين پوزيشن تي قبضو برقرار آهي. شاهين آفريدي ٽيسٽ بالنگ رينڪنگ ۾ پنجين ۽ ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊ ڪيٽيگري ۾ شاداب خان چوٿين نمبر تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button