رانديون

وزيراعظم سان نجم سيٺي جي ملاقات، ايشيا ۽ ورلڊ ڪپ بابت آگاهي

اسلام آباد: وزيراعظم ۽ پيٽرن ان چيف شهباز شريف سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي ملاقات ڪئي. ذريعن موجب بورڊ جي سربراهه وزيراعظم کي ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي شهباز شريف نجم سيٺي تي اعتماد جو اظهار ڪندي کيس گورننگ بورڊ لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ وڌيڪ ميمبر پڻ هوندو. حڪومت طرفان نامزد مصطفيٰ رامديڪو مضبوط اميدوار آهي. ذريعن موجب شهباز شريف پي سي بي چونڊن جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هڪ سال جو ڪرڪيٽ ڪيلينڊر مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن جو جلد اعلان ڪيو وڃي. جڏهن ته وزيراعظم کي ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ بابت به آگاهه ڪيو ويو. ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023ع جي سلسلي ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڀارت وڃڻ جو فيصلو حڪومتي هدايتن جي روشني ۾ ڪيو ويندو. ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ملاقات جو پڌرنامو جلد جاري ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button