پاڪستانسنڌ

ڄام مهتاب ڏهر ۽ شهريار شر ۾ ٽڪيٽ تان اختلاف تيز، هڪٻئي تي تنقيد

ڏھرڪي: پ پ سينٽر ڄام مهتاب ڏهر ۽ ايم پي اي شهريار خان شر ۾ پي ايس 18 تان اختلاف تيز ٿي ويا، هڪ ٻئي تي ڇتي تنقيد شروع. خبر موجب اوٻاوڙو جي صوبائي تڪ پي ايس 18 تي پارٽي ٽڪيٽ تان پ پ سينٽر ڄام مهتاب حسين ڏهر ۽ پي ٽي آ جي ٽڪيٽ تان چونڊيل ايم پي اي شهريار خان شر ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اندورني هلندڙ اختلاف تيز ٿي ويا آهن، جنهن بعد ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻي تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ پ پ سينٽر ڄام مهتاب ڏهر اوٻاوڙو ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پ پ هميشه عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، جنهن جي ڪري مڪاني چونڊن ۾ پ پ پوري سنڌ ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي آهي، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص سميت سکر ڊويزن ۾ پ پ جا ميئر ۽ چيئرمين ڪامياب ٿيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ ڄام مهتاب ڏهر ايم پي اي شهريار خان شر مٿان سخت تنقيد چيو ته شهر يار شر پ پ جي ٽڪيٽ تي نه پر هن کي ٽرين يا ڪوچ جي ٽڪيٽ ملي سگهي ٿي، جنهن لاءِ شهريار شر پارٽي ٽڪيٽ لاءِ انهن کي پيرين وڃي پوي جن کي هن بوسڪي جا پٽڪا ٻڌرايا هئا، صوبائي ٽڪيٽ مون کي ئي ملندي. هوڏانهن ايم پي اي شهر يار شر سوشل ميڊيا تي پنهنجو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته پ پ جي قيادت صوبائي تڪ پي ايس 18 جي پارٽي ٽڪيٽ منهنجي حوالي ڪرڻ تي منهنجي ڀاءُ ڄام مهتاب ڏهر جون وايون بتال ٿي ويون آهن، پارٽي ڄام مهتاب کي سينيٽر بڻايو آهي ۽ ايم پي اي جي سيٽ مون کي ڏني وئي آهي. جڏهن ته ٻنهي اميدوارن پاران هڪ ٻي خلاف لفظي جنگ ڪرڻ سبب سوشل ميڊيا تي ٻڙڌڪ مچي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button