رانديون

پي سي بي ايشيا ڪپ جي بائيڪاٽ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ايشيا ڪپ جي بائيڪاٽ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو. ڪرڪيٽ پاڪستان جي رپورٽ موجب گذريل ڏينهن ڀارتي ميڊيا مان خبر آئي ته جيڪڏهن ايشيا ڪپ جي ميزباني گرين شرٽس جي هٿ مان وئي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ جو بائيڪاٽ ڪندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين اهڙن بيانن کي بي بنياد ۽ حقيقت جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان سمجهون ٿا ته ٽورنامينٽ جا مضبوط امڪان آهن، ڀارت کي پنهنجي ضد ڇڏڻي پوندي. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي فيصلي جي انتظار ۾، پي سي بي پڻ ڀارت ۾ ايندڙ ورلڊ ڪپ 2023 جي تياري لا هڪ ٽه ڌري سيريز منعقد ڪرڻ جو منصوبو پڻ رٿيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب پي سي بي ڏکڻ آفريڪا ۽ آئرلينڊ تي مشتمل ٽي ٽوئنٽي سيريز ڪري سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button