رانديون

ميسي پيسا ۽ پهرين محبت ڇڏي آمريڪي ڪلب ويندو…!

ارجنٽينا کي عالمي فٽبال ڪپ کٽرائيندڙ دنيا جي ليجنڊ فٽبالر ليونل ميسي پيسا ۽ پهرين محبت ڇڏي آمريڪي ڪلب وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن جي تصديق هڪ ڏينهن اڳ هو پاڻ پڻ ڪري چڪو آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ تجزيو ڪندي ٻڌايو ويو آهي تھ ليونل ميسي پيسن جي ڏس ۾ تاريخ جي وڏي آڇ رد ڪندي ايم ايل ايس جي فٽبال ڪلب انٽر ميامي ڪلب جي چونڊ سڪون ماڻڻ لاءِ ڪئي آهي،

ميسي زال ۽ ٻارن سان گڏ آهي

جتي کيس زندگي جو لطف وٺڻ جو وقت ملي ويندو ۽ ان سان گڏ شهرت، برانڊز سان تعلقات جي ڀرپور زندگي فراهم ٿي سگهندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ بارسلونا ۾ واپسي سميت ميسي سعودي ڪلب جي وڏي آڇ سڪون خاطر ڇڏي ڏني، ڇاڪاڻ تھ هن بارسلونا کي زندگي جا شروعاتي 21 سال ڏنا، تنهنڪري ميسي جي پهرين ۽ آخري محبت بارسلونا رهي، پر هن وقت هن آمريڪا وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان هو پهريون ڀيرو يورپ ڇڏيندو. ليونل ميسي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي تھ معاملو پيسن جو هجي ها تھ سعودي عرب يا ڪنهن ٻئي هنڌ هليو وڃان ها، پر زندگي مان مزا وٺڻ ۽ سڪون جي ڳالهه آهي،

ميسي بارسلونا سان کيڏڻ وقت کٽيل گولڊن بوٽ ڏيکاريندي

بارسلونا سان ڳالهيون ضرور ٿيون، پر ڪا آڇ نھ هئي، مون ٻڌو تھ انهن کي رانديگرن کي فارغ ۽ انهن جون پگهارون گهٽائڻيون پون پيون، تنهنڪري مان اهڙي صورتحال مان نھ پئي گذرڻ چاهيو. هوڏانهن هڪ تجزيھ نگار جو چوڻ آهي تھ ايم ايل ايس ۽ ميسي ۾ روينيو شيئرنگ ڊيل ٿي آهي، برنڊز ۽ شهرت ڌار ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button