اسلام آبادپاڪستان

پاڪ-عراق بزنس فورم ۽ بزنس ڪائونسل قائم ڪرڻ جو اعلان

بغداد: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي دوري جي موقعي تي بغداد ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي نئين عمارت جو پيڙهه جو پٿر رکيو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڪستان-عراق بزنس فورم ۽ بزنس ڪائونسل قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. سفارتخاني جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ عراق جو نائب وزيراعظم ۽ فواد حسين به پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هو. عراق ۾ پاڪستاني سفير احمد امجد علي ۽ پاڪستان ۾ عراقي سفير حامد عباس لفتا پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بغداد ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي تعمير ساراهه جوڳي آهي، جيڪو عراق ۽ پاڪستان جي عوام، ڪاروباري برادري سميت سمورن شعبن جي ماڻهن لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي عراق جي تازي دوري دوران سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙ پاڪستانين جي ويزا جي خاتمي جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشتنامن تي صحيحون ڪيون، جڏهن ته پاڪستان ۽ عراق جي چيمبرز آف ڪامرس ۽ ثقافتي تعاون ڌار ڌار ٺاهن تي صحيحون ڪيون. پرڏيهي وزير ڪربلا ۾ پاڪستاني زائرين لاءِ سينٽر ۽ نجف ۾ پاڪستاني قونصليٽ کولڻ جو به اعلان ڪيو.

ٻنهي ملڪن وچ ۾ زراعت، موسمياتي تبديلي، تعليم، صحت ۽ عراقي ڊولپمينٽ ڪوريڊور ۾ پاڪستاني مزدورن جي شموليت سميت اهم معاملن تي گڏيل سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو. دوري دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراقي صدر ۽ وزيراعظم سميت اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪيون. سفارتي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ ويجهڙائي ٿي آهي. ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري شهيد ڪربلا حضرت امام حسين عه، حضرت عباس علمدار عه ۽ ٻين جي روضن تي حاضري ڀري، ان موقعي تي هن چيو ته ڪربلا جي شهيدن ڪنهن به سمجهوتي کانسوا باطل خلاف بيهڻ جو سبق ڏنو، آئون اهو عزم ورجايان ٿو ته جدوجهد جو حسيني پرچم ڪڏهن به جهڪڻ نه ڏيندس. هن بغداد ۾ امام ابو حنيفه جي روضي جي به حاضري ڀري ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لا دعائون گهريون. ٻئي پاسي پ پ انفارميشن سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري عراق جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري واپس پاڪستان پهچي ويو آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته بلاول پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي عراق جي دوري جا وڏا معاشي فائدا پهچندا، ڇو ته عراق تيل ايڪسپورٽ ڪندڙ وڏو ملڪ آهي ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ اضافي سبب پاڪستان جو عوام وڏي تڪليف کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن منجهان عراق مان تيل گهرائي عوام کي رليف ڏئي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button