اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ عدالتي سڌارن واري قانون خلاف اسٽي واپس وٺي:پاڪستان بار ڪائونسل

اسلام آباد :پاڪستان بار ڪائونسل هڪ ڀيرو ٻيهر 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪندي فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل جي مخالفت ڪئي آهي. گذريل ڏينهن پاڪستان بار ڪائونسل جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ ۾ صوبائي بار ڪائونسلن جو اجلاس ٿيو. پاڪستان بار ڪائونسل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ آئيني اختيار استعمال ڪندي سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون ٺاهيو. سپريم ڪورٽ جوڊيشل ريفارم ايڪٽ خلاف پابندي ختم ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ ريويو آف ججمينٽس اينڊ آرڊر ايڪٽ 2023 متاثر ڌر کي اپيل جو حق ڏئي ٿو. پاڪستان بار مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ ريويو آف ججز اينڊ آرڊرز ايڪٽ کي معطل نه ڪري. آڊيو ليڪس ڪميشن جي حوالي سان پاڪستان بار ڪائونسل جو چوڻ هو ته آڊيو ليڪس ڪميشن ٽي او آر موجب آزاديءَ سان ڪم ڪري ۽ پنهنجي رپورٽ وفاقي حڪومت کي پيش ڪري، آڊيو ليڪس جي تصديق ڪري عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو وڃي. پاڪستان بار مطالبو ڪيو آهي ته لائرز ويلفيئر اينڊ پروٽيڪشن ايڪٽ 2023 تي عمل درآمد ڪرايو وڃي، حڪومت سمورن صوبن جي انسپيڪٽر جنرلز کي حڪم ڏئي ته ڄاڻايل قانون جي شقن سان ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. قانون واري وزارت فوري طور تي وڪيلن کي آگاهه ڪري. تحفظ واري قانون تحت ضابطا ٺاهڻ گهرجن ته جيئن وڪيلن کي نئين قانون مان فائدو حاصل ٿي سگهي، اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرري سينيئارٽي، فٽنيس ۽ ميرٽ جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، جڊيشل ڪميشن جا نوان قاعدا سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ٺاهيا وڃن. پاڪستان بار سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن نوان ضابطا نه ٺاهيا وڃن ته پراڻي طريقي سان ججن جي مقرري ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪميشن کي ٻيهر جوڙيو وڃي ۽ بارز کي صحيح نموني نمائندگي ڏني وڃي، خيبرپختونخواهه مان ججن جي مقرري ڪئي وڃي. پاڪستان بار فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جو ٽرائل ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث جوابدارن جا ٽرائل دهشتگردي جي انت واري عدالتن ۾ ٿيڻ گهرجن، دهشتگردي جي انت واري عدالتن ۾ سموريون سهولتون موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button