پاڪستانپنجاب

چارٽر آف اڪنامي تي ڊگهي مدي واريون پاليسيون ٺاهڻ گهرجن: آصف زرداري

لاهور: پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته چارٽر آف ڊيموڪريسي تي ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي ۽ چارٽر آف ايڪنامي تي ڊگهي مدي واريون پاليسيون ٺاهڻ گهرجن. ايف پي سي سي آءِ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پنجاب جا وڏا واپاري گڏ ٿين، سيڙپڪاري جي ضمانت ڏيان ٿو، پهريان ماڻهن کي امير بڻايو پوءِ ٽيڪس لڳايو، پاڪستان ۾ هاڻي اڳتي وڌڻ جي صلاحيت آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه واپاري برادري جو خيال رکيو آهي، معيشت جي بهتري اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ ضروري آهي، معيشت پنجن کان ڏهن سالن ۾ نه پر ايندڙ نسلن جي تعمير ٿيندي آهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي، گوادر 70 سالن کان موجود آهي، ڪنهن کي نظر نه پئي آيو، مون گوادر تي چين سان معاهدو ڪيو، ايڪسپورٽ وڌائڻ سان مسئلا حل ٿيندا آهن.

هن چيو ته پرڏيهي سيڙپڪار پئسا لڳائي ٿو ته واپس به کڻي وڃي ٿو، اهو هڪ ڊالر جي بدلي 5 ڊالر ڪمائي ٿو. هن چيو ته دفاعي خرچ بابت پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته هن ڀيري ڏکڻ پنجاب جو معرڪو اسان کٽينداسين. بهاولنگر پي پي 238 جي ٽڪيٽ هولڊر ملڪ ابرار الرحمان کوکر سان ملاقات دوران هن چيو ته ٽڪيٽ هولڊر پيپلز پارٽي جو منشور گهر گهر پهچائين، پيپلز پارٽي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻيندي ۽ علائقن ۾ عوام جا مسئلا حل ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت هميشه نوجوانن کي خوشحالي ۽ روزگار ڏنو آهي. ملاقات ۾ پارٽي معاملن ۽ اليڪشن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته پ پ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري ۽ ڏکڻ پنجاب جي صدر مخدوم احمد محمود شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بهاول نگر جي پي پي 238 جي تڪ بابت بريفنگ ڏني وئي. ملڪ ابرار رحمان کوکر آصف علي زرداري کي بهاولنگر ۾ نوجوانن جي روزگار ۽ انڊسٽريل اسٽيٽ جي قيام بابت آگاهه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button