رانديون

رميز راجا ڪاوڙيل، اين ايڇ سي ۾ وڏين تبديلين جو امڪان

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين رميز راجا نيشنل هائي پرفارمنس سينٽر جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙيل آهي، ڇاڪاڻ تھ اها سندس ويزن مطابق ڪم نھ ڪري رهي آهي، تنهنڪري اتي وڏين تبديلين اچڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. ذريعن دعوا ڪئي آهي تھ نيشنل هائي پرفارمنس سينٽر جي ڊائريڪٽر نديم خان کي بھ هٽائڻ تي غور ٿي رهيو آهي. ان کان اڳ هيڊ ڪوچ بريڊ برن ۽ بالنگ ڪوچ زاهد محمود استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن. جڏهن تھ وڪيٽ وڪيٽ ڪيپنگ ڪوچ عتيق الزامان لنڊن مان اچي استعيفيٰ ڏئي واپس هليو ويندو، جنهن بعد نين مقررين جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button