رانديون

پاڪستان بنگلاديش کي ٽي 20 ۾ ڪلين سوئيپ شڪست ڏئي ڇڏي, شاهنواز ڏهاڻي ڊيبو وڪيٽ ورتي

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش کي ٽي 20 سيريز ۾ ڪلين سوئيپ شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ٽين ۽ آخري ٽي 20 ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 124 رنسون ٺاهي 7 وڪيٽون وڃايون، سندس بيٽسمينن مان محمد نائم 47 رنسن سان نمايان رهيو ۽ شميم 22 ۽ عفيف 20، محمد اللھ 13 اسڪور ڪيو. جڏهن تھ نجم الحسين شنٽو 5، نورالحسن 4، مهدي حسن 5، امين السلام 3 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا. پاڪستان 125 رنسن جو هدف آخري بال تي حاصل ڪيو، محمد رضُوان 40 ۽ حيدر علي 45 رنسن سان نمايا رهيا. بابراعظم 19، سرفراز احمد ۽ افتخار احمد 6، 6 اسڪور ڪيو. پاڪستان جي ٽي 20 ۾ ڊيبو ڪندڙ سنڌ ڄائي تيز بالر شاهنواز ڏاهاڻي ڊيبو ميچ ۾ پهرين وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ويو. محمد وسيم ۽ عثمان قادر 2، 2 وڪيٽون ورتيون. بنگلاديش جي محمد اللھ 3 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button