رانديون

خواهش هئي تھ نجم سيٺي کي عزت سان الوداع ڪيون: ذڪا اشرف

پي سي بي جي نئين مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف پي سي بي ۾ چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف پي سي بي پهچي چارج ورتي، ان کان اڳ ذڪا اشرف پي سي بي هيڊ آفيس پهتو تھ عملي سندس شاندار استقبال ڪيو. پي سي بي ۾ ذڪا اشرف مينيجمينٽ ڪاميٽي جو اجلاس بھ ڪيو آهي، جنهن ۾ بجيٽ سميت ايشيا ۽ ورلڊ ڪپ بابت اهم مشورا ڪيا ويا. جڏهن تھ کيس ڊوميسٽڪ رانديگرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ، اسٽيڊيمز جي تعمير سميت اهم مامرن تي بريفنگ ڏني وئي آهي.

پي سي بي جو نئون چيئرمين ذڪا اشرف چارج وٺڻ بعد مصروف آهي

مينيجمينٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ذڪا اشرف چيو تھ خواهش هئي تھ نجم سيٺي کي عزت سان الوداع ڪيون، جنهن جو پيغام بھ اسان کيس ڏنو هو، اعجاز بٽ کي بھ عزت ڀريي نموني سان الوداع ڪيو هو. هن چيو تھ خواهش هئي تھ اختلاف نھ ٿين، اسين ڪرڪيٽ ۽ رانديگرن جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو ويندو. هن چيو تھ ورلڊ ڪپ سميت اهم مامرن ۾ بهتري جي ضرورت آهي، عالمي محاذ تي بھ چيلنجز آهن، گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، خواجا نديم بهترين انسان آهي، اڳ بھ ان سان گڏجي ڪم ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button