پاڪستانرانديون

جهانگير ترين جي ڀاءُ ملتان سلطانز جي مالڪ عالمگير ترين جو پراسرار آپگهات

پي ايس ايل جي 2021ع ۾ چيمپئين رهندڙ ٽيم ملتان سلطانز جي مالڪ عالمگير ترين پاڻ کي پراسرار نموني مٿي ۾ گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پي ٽي آئي ڇڏي ڌار پارٽي استحڪام پاڪستان پارٽي ٺاهيندڙ سينيئر سياستدان جهانگير ترين جي ڀاءُ عالمگير ترين لاهور جي گلبرگ واري گهر ۾ پاڻ کي گولي هڻي زندگي جو انت آندو آهي. رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ واقعي جو اطلاع ملندي پوليس اٽالا سندس گهر پهچي ويا آهن، جن معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس جو چوڻ آهي تھ عالمگير ترين آپگهات کان اڳ پنهنجي هٿن سان خط لکيو، ان ۾ بيماري جو ذڪر آهي. هوڏانهن عالمگير ترين جي ويجهن دوستن جو چوڻ آهي تھ کين سندس بيماري جي ڪا ڄاڻ نھ هئي. ٻئي پاسي عالمگير ترين جي آپگهات جي استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻن پڻ تصديق ڪري ڇڏي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ عالمگير ترين ملڪ جي وڏن واپارين ۾ ڳڻيو ويندو هو، پي ايس ايل جي فرنچائيز جو مالڪ ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر پڻ هو. جڏهن تھ 63 سالن جي وڏي ڄمار ۾ عالمگير ترين مڱڻي ڪئي، جنهن جي ايندڙ ڊسمبر ۾ شادي بھ رٿي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button