پاڪستانپنجاب

لاهور ۾ برسات 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، حادثن ۾ 12 ڄڻا فوت

اسلام آباد/لاهور: لاهور شهر ۾ برسات جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ويو، 10 ڪلاڪن دوران 291 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته مختلف حادثن ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا. صبح 4 وڳي کان شروع ٿيندڙ تيز برسات سبب لاهور شهر پاڻي هيٺ اچي ويو، شهر جي اهم شاهراهن تي پاڻي جمع ٿي ويو. شهر جي هڪ درجن کان وڌيڪ علائقن ۾ 200 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته لاهور ۾ گذريل سال 2022 ۾ 238 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ڪمشنر لاهور محمد علي رنڌاوا چيو ته ان کان اڳ 2018ع ۾ لاهور ۾ 288 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي هئي، گذريل 30 سالن ۾ لاهور ۾ ايتري ٿوري وقت ۾ ايتري برسات ناهي آئي. ايم ڊي واسا غفران احمد چيو ته برسات بند ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه ڪلاڪن ۾ هيٺاهين وارا سمورا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، هينئر تائين سڀ کان وڌيڪ برسات لڪشمي چوڪ ۾ 282 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. جيل روڊ ۾ 147 ملي ميٽر، ايئرپورٽ تي 130 ملي ميٽر، هيڊ آفيس گلبرگ ۾ 210، اپر مال ۾ 199، مغلپورا ۾ 220، تاجپور ۾ 249، نشتر ٽائون ۾ 280 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ريسڪيو اختيارين موجب مصري شاهه ۾ برسات سبب سڙيل ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ورهين جي ٻارڙي سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوتين جي سڃاڻپ 8 ورهين جي نياز، ڪلثوم ۽ 8 ورهين جي اسد طور ٿي آهي. فوتي جا لاش ملبي مان ڪڍي وارثن حوالي ڪيا ويا.

پوليس موجب چونگي امر سچو بوسٽن ڪالوني ۾ بجلي جي تار ڦاٽڻ سبب روڊ تي ڪري پئي. فوتي نوجوان جي سڃاڻپ 22 ورهين جي عثمان جي نالي سان ٿي آهي، فوتي جو لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين برساتي پاڻي ۾ پيل رهيو. ٻئي طرف ميانوالي ۾ برسات دوران 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب عام زندگي متاثر ٿي وئي، جڏهن ته مختلف حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا. چمن، شيراني، قلعه عبدالله، پشين، زيارت سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات پئي. هوڏانهن خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ تيز هوائن ۽ برسات جي نتيجي ۾ وڻ ڪِرڻ سبب 3 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا آهن. هوڏانهن موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران پنجاب، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب ٻوڏ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. رپورٽ موجب نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سمورن لاڳاپيل کاتن کي 8 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ برساتن جي امڪان جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، سياحن ۽ مسافرن کي اهو به چيو ويو آهي ته هو خبردار رهن. سفر شروع ڪرڻ کان اڳ موسمي حالتن جو جائزو وٺن جڏهن ته هاري به احتياط ڪن.

آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا، اسلام آباد، پوٽوهار ريجن، مٿانهين ۽ وچ پنجاب ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي کنوڻ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ان سان جبل وارن علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ ٻوڏ اچي سگهي ٿي. پنجاب ۾ مري، گليات، راولپنڊي، جهلم، اٽڪ، چکوال، سرگوڌا، ميانوالي، فيصل آباد، جهنگ، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، بهاولنگر، نارووال، سيالڪوٽ، ساهيوال، گوجرانوالا، گجرات، منڊي بهاؤالدين، حافظ آباد، لاهور، بکر، ليه ۾ زوردار برسات پوندي، تونسه، ملتان ۽ ڊيرا غازي خان ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. خيبرپختونخوا ۾ چترال، دير، سوات، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، مالاڪنڊ، بالاڪوٽ، چارسده، مردان، پشاور، ڪوهاٽ، ڪرم، بنون، وزيرستان ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته زيارت، قلات، خضدار، زوب ۽ بارکھان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن سان برسات پئجي سگهي ٿي. عربي سمنڊ مان هوائون ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن ۽ خليج بنگال مان هوائون به مٿانهين علائقن تائين پهچنديون. ان دوران چناب ۽ راوي جي شاخن ۾ به هيٺين کان وچولي سطح جي ٻوڏ اچڻ جو امڪان آهي، جهلم، چناب ۽ راوي دريائن ۾ 9 جولاءِ کان وهڪري ۾ نمايان واڌ جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button