پاڪستانسنڌ

صوبي ۾ ڊرگ مافيا خلاف ڪارروائي کي تيز ڪيو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ منشيات جي ڪابه پيداوار نه پئي ٿئي، منشيات ٻين صوبن کان سنڌ ۾ اچي ٿي، منشيات جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ پوليس بهادريءَ سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو. هن چيو ته پوليس جا 2 هزار 4 سئو کان وڌيڪ اهلڪار شهيد ٿيا آهن، امن امان لاءِ رينجرز ۽ پاڪ فوج جي جوانن به قرباني ڏني. مراد علي شاهه چيو ته قربانين جي نتيجي ۾ امن امن بحال ٿيو، وڏي وزير چيو ته انسانيت جي دشمنن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه شهيد حيات پوليس ٽريننگ ڪاليج سعيد آباد ۾ 117 هين پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي ٽريننگ حميد کوسو، ڪاليج جو پرنسپال بشير چاچڙ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. هن چيو ته هن پوليس کي ٽي اهم ٽاسڪ ڏنا آهن جن ۾ ڪچي واري علائقن مان ڌاڙيلن جو خاتمو، شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي شرح کي ٻُڙي تي آڻڻ ۽ منشيات مافيا جو خاتمو شامل آهن ته جيئن اسان جا ٻار انهن خطرن کان محفوظ رهن. هن چيو ته صوبي جي عوام جي جان و مال ۽ تحريڪ جي آزادي جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي، تنهن ڪري اسان کي ان قسم جي خطرن کي ختم ڪرڻو پوندو.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 787 ڪانسٽيبلن جو پاس آئوٽ ٿيڻ پوليس فورس ۾ وڏو اضافو آهي. هن چيو ته مون صوبائي پوليس کي سٺي پگهار، شهيدن جو معاوضو، نوڪري ۽ سندن رٽائرمينٽ تائين پگهارون جاري رکڻ، تربيت هيٺ پوليس اهلڪارن لاءِ جديد سامان ۽ ميس الائونس جون سهولتون ڏئي کين وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا واقعا ڪراچي پوليس لاءِ چئلينج بڻجي ويا آهن. مراد علي شاهه چيو ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم سبب خاندانن جي آزاد اچ وڃ کي متاثر ڪري رهيو آهي جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته پوليس اسٽريٽ ڪرمنلز کي ختم ڪري شهر جي عوام جو اعتماد بحال ڪري. منشيات جي اسمگلنگ: سنڌ جي وڏي وزير پوليس کي شهر مان ڊرگ مافيا ۽ منشيات فروشن جي خاتمي لاءِ ٽيون اهم ٽاسڪ ڏنو آهي. هن چيو ته مون کي خبر آهي ته ڊرگ مافيا خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري آهي پر اڃا تائين گهربل نتيجا اچڻا آهن. مراد علي شاهه چيو ته هٿرادو منشيات اسان جي تعليمي ادارن تائين پهچي چڪي آهي ۽ اسان جي نوجوان نسل کي تباهه ڪري رهي آهي. هن پوليس کي هدايتون ڏيندي چيو ته ڊرگ مافيا خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وڃي ڇوته اهي اسٽريٽ ڪرائم ۾ به ملوث آهن. سنڌ جي وڏي وزير سنڌ پوليس جي خدمتن ۽ بهادري کي ساراهيندي چيو ته سندن 2400 جوانن دهشتگردن، ٽارگيٽ ڪلرز، اسٽريٽ ڪرمنلز، ڊرگ مافيا ۽ پوليو ٽيمن جي حفاظت ڪندي پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button