رانديون

ايشون جا 5 شڪار، ويسٽ انڊيز پهرين اننگز ۾ 150 رنسن تي آئوٽ

ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن ۽ پهرين اننگز ۾ رڳو 150 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن ۾ ڀارت جي بالر رويچندرن ايشون 5 وڪيٽون وٺي ويسٽ انڊيز جي بيٽرن کي سوڙهو ڪري ڇڏيو، جيڪي کلي نھ سگهيا ۽ آئوٽ ٿيندا ويا. ويسٽ انڊيز جو ايلڪ اٿانزا 47 رنسن سان نمايا رهيو، ڪپتان ڪريگ براٿويٽ 20، راحڪيم ڪارنيوال 19، جيسن هولڊر 18 رنسون ٺاهي سگهيا، جڏهن تھ سندن 5 سنگل ڊجيٽ ۾ رهيا. هوڏانهن ڀارت جي اوپنرن ۾ يشاسوي جيسوال 40 ۽ ڪپتان روهت شرما 30 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button