اسلام آبادپاڪستان

پاڪ-چين اڪيڊمڪ ڪوآپريشن معاهدو ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد : پاڪستان ۽ چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي تعليم جي شعبي ۾ سهڪار جي اهم معاهدي جو فيصلو ڪري ورتو، معاهدي سان پاڪستاني شاگردن کي فائدو ٿيندو. ذريعن موجب پاڪستان جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۽ چين جي گرينڊ ويو انسٽيٽيوشن ۾ سهڪار جو اهم معاهدو ٿيندو، وفاقي ڪابينا اڪيڊمڪ ڪوآپريشن معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا کان بچاءَ واري وزارت جي سمري جي سرڪوليشن ذريعي منظوري ورتي وئي آهي، تعليم واري وزارت ۽ ايڇ اي سي به معاهدي جي حمايت ڪئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت کان معاهدي جي مسودي جي منظوري ورتي وئي، معاهدي تحت تعليم، اڪيڊمڪ ۽ تحقيق جي شعبن ۾ سهڪار ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button