اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان سيما تائين قونصلر پهچ گهري آهي:پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد : پب جي تي ڀارتي ڇوڪري سان دوستي کانپوءِ چئن ٻارن سان گڏ ڀارت ويندڙ سيما جي معاملي تي پرڏيهي کاتي جو بيان سامهون اچي ويو.پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار بريفنگ ۾ پاڪستان مان ڀارت ويندڙ سيما بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سيما تائين قونصلر پهچ گهري آهي.هن چيو ته ڀارت کان سيما جي خيريت ڄاڻڻ جي درخواست ڪئي آهي، سيما جي اتي موجودگي تي ڀارت جي جواب جو انتظار آهي. واضح رهي ته سيما چئن ٻارن جي ماءُ آهي ۽ پب جي تي ڀارتي ڇوڪري سان دوستي کانپوءِ نيپال رستي ڀارت وئي هئي. سيما هن وقت نئين دهلي کان 90 ڪلو ميٽر پري ربو پورا ڳوٺ ۾ پنهنجي ٻارن سوڌي سچن سان گڏ رهي پئي، شروعاتي طور پوليس سيما ۽ سچن کي گرفتار ڪيو هو پر هاڻ اهي ضمانت تي آزاد ٿي چڪا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button