اسلام آبادپاڪستانعالمي

عالمي بينڪ پاران پنجاب لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر جي امداد منظور

اسلام آباد :عالمي بينڪ پنجاب ۾ خانداني منصوبا بندي جي پروگرام لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر جي امداد جي منظوري ڏني آهي. پاڪستان ۾ عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته عالمي بينڪ جي ايگزيڪٽو بورڊ پنجاب ۾ خانداني منصوبا بندي جي خدمتن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ 10ڪروڙ ڊالر جي امدادي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته ان پروگرام جو بنيادي مقصد 2030 تائين پنجاب ۾ توليد صحت ۽ خانداني منصوبا بندي جي طريقن کي 60 سيڪڙو جي سطح تي پهچائڻو آهي. هن چيو ته اهو پاڪستان لاءِ اهم پروگرام آهي ڇو ته ملڪ جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي جنهن سان ترقي ۽ نمو جي رفتار سست ٿي رهي آهي. عالمي بينڪ جي مدد سان اهو پروگرام پنجاب جي ضلعن ۾ صوبائي کاتي بهبود آبادي ۽ صحت کاتي جي سهڪار سان اڳتي وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button