اسلام آبادپاڪستان

مون سون جو نئون سلسلو 17 جولاءِ تائين جاري رهندو:شيري رحمان

اسلام آباد : موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته مون سون جي نئين سلسلي جي شروعات ٿي رهي آهي، جنهن سبب اسلام اباد، پنجاب، سنڌ، بلوچستان، ڪي پي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برساتن جو امڪان آهي. مون سون جو اهو نئون سلسلو 17 جولاءِ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي ۽ ان دوران سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 13 کان 17 جولاءِ دوران اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، گوجرانواله ۽ لاهور ۾ شديد برساتن جي ڪري هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خطرو آهي جڏهن ته مري، گليات، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي جي پهاڙي علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو پڻ موجود آهي. انهن علائقن ۾ سياحن کي برساتن دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچڻ جي لاءِ محتاط رهڻ جي درخواست ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته ڪمزور انفراسٽرڪچر (بجلي جا ٿنڀا، سولر پينل ۽ ڪچن گهرن) کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هن شهرين کي درخواست ڪئي ته هو ان دوران احتياط جو مظاهرو ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button