رانديون

حفيظ، عامر ۽ آصف کي ٽي 10 ليگ لاءِ اين او سي جاري

پي سي بي قومي ڪرڪيٽرن اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ، محمد عامر ۽ آصف علي کي آمريڪا ۾ شيڊول ٽي 10 ليگ کيڏڻ لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف رانديگرن کي اين او سي ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا. هوڏانهن تيز بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي ايمرجنگ ايشيا ڪپ جي ايونٽ سبب ٽي 10 ليگ کيڏڻ ۽ آمريڪا وڃڻ کان روڪيو ويو آهي. ياد رهي تھ محمد حفيظ، محمد عامر، آصف علي ۽ شاهنواز ڏاهاڻي جو ٽي 10 ليگ کيڏڻ جو معاهدو ٿيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button