اسلام آبادپاڪستان

سياسي مقصدن لاءِ سائفر استعمال ڪرڻ تي 14 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي:قانون وارو وزير

اسلام آباد :قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سائفر پبلڪ ڪري سگهجي ٿو نه ئي ڪنهن سان شيئر ڪري سگهجي ٿو، سياسي مقصدن لاءِ سائفر جي استعمال تي 14 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته قومي سلامتي کي پٺتي رکي سائفر جو سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو. اعظم خان جي بيان سان واضح آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر کي ڪهڙن مقصدن لاءِ استعمال ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي 25 جولاءِ تي جاچ لاءِ گهرايو ويو آهي، اڳوڻي وزيراعظم سائفر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي جلسي ۾ استعمال ڪيو، هن قومي سلامتي کي نقصان پهچايو. سندس چوڻ هو ته اڳوڻي وزيراعظم طرفان سائفر لاڳاپيل کاتي کي واپس نه ڪيو ويو، معاملي جي جاچ ميرٽ تي ٿيندي، جاچ ۾ عدم سهڪار تي گرفتاري ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button