اسلام آبادپاڪستان

بجلي بلن ۾ ٽي وي سان گڏ ريڊيو ٽيڪس،حڪومت سمري تيار ڪري ڇڏي

اسلام آباد : ناڻي واري وزارت جي عملدارن انڪشاف ڪيو آهي ته بجلي جي بلن ۾ ٽي وي فيس سان گڏ ريڊيو فيس به شامل هوندي. سمري تيار آهي، ان ۾ 35 رپيا پي ٽي وي ۽ 15 رپيا ريڊيو فيس لاڳو هوندي. ادارن جي نجڪاري جو معاملو پاليسي بابت آهي، يوٽليٽي اسٽورز ڪارپوريشن تي غذائي شين جي سبسڊي لاءِ 35 ارب رپيا رکيا ويا آهن. خميس تي سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزارت جي عملدارن اهڙو انڪشاف ڪيو. عملدارن چيو ته اطلاعات وزارت ان حوالي سان سمري تيار ڪري ورتي آهي. ناڻي واري وزارت مطابق سينيٽ ڪميٽي اها سفارش ڪئي هئي جنهن تي ڪم ڪيو ويو آهي، ان مان نقصان ۾ ويندڙ ادارن جي نجڪاري جي سفارش هئي. ناڻي واري وزارت چيو ته ادارن جي نجڪاري جو معاملو پاليسي بابت آهي. ناڻي وزارت کي ناڻي ڪميٽي جون 55 سفارشون مليون هيون، ايف بي آر چيئرمين چيو ته ايف بي آر کي فنانس بل جي حوالي سان 97 سفارشون مليون. ايف بي آر سينيٽ جي 77 سفارشن کي فنانس بل جو حصو بڻايو. ايف بي آر جي چيئرمين چيو ته سينيٽ جي 15 سفارشن تي جزوي طور تي عمل ڪيو، سينيٽ جي 6 سفارشن کي رد ڪيو ويو. سينيٽ جي سفارشن تي عمل جي شرح 80 سيڪڙو آهي. يوٽلٽي اسٽورز ڪارپوريشن تي غذائي شين جي سبسڊي لاءِ 35 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ان مان 5 ارب رپيا وزيراعظم جي رمضان رليف پئڪيج لا رکيا آهن. سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن. آئي ٽي ڪمپني کي ايڪسپورٽ آمدني جو 25 سيڪڙو ٻاهر رکڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ايف بي آر چيئرمين چيو ته اٽڪل اڍائي هزار شين تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لڳائي وئي آهي، برانڊڊ گارمينٽس تي 15 سيڪڙو جي ايس ٽي لڳائي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button