پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ويجهو پيءُ معصوم ڌيءَ سميت کوهھ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڇاڇرو:ڇاڇري ويجهو پيءُ معصوم چار سالن جي ڌيءَ سميت کوهھ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو. خبر موجب ڇاڇري ڀرسان ڳوٺ کينسر ۾ 30 سالن جي ڪانجي ميگھواڙ پنهنجي معصوم چار سالن جي ڌيءَ جنتا سميت کوھه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن ۽ وارثن جي اطلاع تي کينسر ٿاڻي جي پوليس پھچي پيءُ ۽ معصوم ٻارڙي جا لاش کوهھ مان ڪڍرائي کينسر اسپتال پهچايا. ان موقعي تي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته آپگهات ڪندڙ نوجوان جي ٻه سال اڳ پهرين گهر واري به آپگهات ڪيو هو، جنهن بعد هن 8 مهينا اڳ ٻي شادي ڪئي هئي. اڳئين گهر واري مان ٻه پٽ ۽ هڪ معصوم ڌي جنتا هئي. جڏهن ته ٻه معصوم پٽ ناناڻي ويل هئا. نوجوان ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ ڳوٺ واپس آيو هو. صبح سوير اڳئين گهر واري جي قبر تي ويو هو، واپس اچي پنهنجي معصوم ٻارڙي سان گڏ تصوير سوشل ميڊيا تي پنهنجي اڪائونٽ تي اپلوڊ ڪئي ۽ ڪجهه دير بعد اطلاع مليو ته هن آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. غربت سبب انتهائي پريشان هو. جڏهن ته پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ لڳي رهيو آهي ته گهرو پريشانين جي سبب واقعو پيش آيو آهي، گهر ۾ به غربت سبب حالتون انتهائي خراب آهن. وڌيڪ ٻي گهر واري ۽ وارثن جا بيان ورتا آهن. معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ٻنهي جا لاش گهر پهچڻ تي ماحول سوڳوار ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button