پاڪستانسنڌ

“منشيات ڏيو” ٽنڊو جان محمد ۾ موالي ٿنڀي تي چڙهي ويو

ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد ۾ منشيات نه ملڻ تي موالي مير موجود ٽالپر 11 هزار وولٽ بجلي جي ٿنڀي تي چڙھي ويو، جنهن کان پو شھرين فون ڪري بجلي بند ڪرائي. جڏهن ته شهري موالي کي هيٺ لهڻ لا منٿون ڪندا رهيا. ٻئي طرف پوليس منشيات هٿ ڪري ڏيڻ تي موالي ٿنڀي تان هيٺ لٿو، جنهن کان پو پوليس موالي کي ٿاڻي تي کڻي وئي. ان موقعي تي موالي جو چوڻ ھو ته چرس ۽ آفيم جو اڏو ھلائيندڙ سندس ڀاڻيجا نعين کوسو ۽ احسان کوسو آفيم نٿا ڏين ۽ وڙھيا آھن، جنهن ڪري احتجاج طور بجلي جي ٿنڀي تي چڙهيو هئس، جيڪڏهن ڀاڻيجن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ٻيهر تارن ۾ هٿ وجهي پاڻ ماري ڇڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button