اسلام آبادپاڪستان

چونڊن لاءِ مڪمل تيار آهيون،اسيمبلي ُٽٽي وئي ته 11 آڪٽوبر کان اڳ چونڊون ڪرائينداسين:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال چيو آهي ته 12 آگسٽ تي مدو مڪمل ٿيڻ تي اسيمبلي ُٽٽي ته 11 آڪٽوبر کان اڳ چونڊون ڪرائينداسين. ڪالهه تقريب کي خطاب ڪندي ظفر اقبال چيو ته اسان کي سيڪيورٽي اهلڪار لازمي ملندا، پراڻين تڪ بندين تي چونڊون ٿينديون، چونڊن لاءِ واٽر مارڪ پيپر ورتو ويو آهي، سڀني ادارن سان رابطو آهي. ڊي آر او ۽ آر او لاءِ عدليا سان رابطو ڪيو آهي، چونڊن لاءِ مڪمل تيار آهيون، مواد تيار ڪري رکيو آهي، هاءِ ڪورٽس رجسٽرار کي آر اوز لاءِ درخواست ڪئي آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن انتظامي آفيسرن، پنهنجي آفيسرن ۽ جڊيشل آفيسرن کي استعمال ڪري سگهي ٿي، نون چونڊ سڌارن موجب چونڊون ڪرائينداسين. اليڪشن ڪميشن جي عملدارن واضح ڪيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ سياسي پارٽين ۽ اميدوارن جي سخت نگراني جو فيصلو ڪيو ويو آهي. چونڊ خرچن جي حد کان وڌيڪ خرچ ڪندڙ اميدوار ۽ سياسي پارٽي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سياسي پارٽين ۽ اميدوارن جي نگراني لاءِ پوليٽيڪل فنانس MIS ٺاهيو ويو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته پوليٽيڪل فنانس ايم آءِ ايس ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ، نادرا، ايس اي سي پي ۽ ٻين سميت 6 ادارن کان معلومات حاصل ڪندي، سياسي پارٽين ۽ اميدوارن جي سخت ڇنڊڇاڻ کانپوءِ چونڊ خرچن ۾ زيادتي جي صورت ۾ آئين موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد خان چيو ته اليڪشن ڪميشن 90 يا 60 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، اليڪشن ڪميشن پراڻين تڪن تي چونڊون ڪرائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي، جيڪڏهن نئين آدمشماري ڪرائي وئي ته قانون ۽ آئين موجب فيصلو ڪنداسين. اسپيشل سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جي پابندي مڙهيل فنڊنگ جو معاملو عدالتن ۾ شنوائي هيٺ آهي، پنجن هاءِ ڪورٽن جي رجسٽرار عدالتي آفيسرن کي آر اوز طور فراهم ڪرڻ لاءِ خط لکيا آهن، اڃا تائين هاءِ ڪورٽن مان ڪو به جواب ناهي آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button