اسلام آبادپاڪستانعالمي

اميد ته ڪڻڪ معاهدي تي پاڪستان جي خدشن تي غور ٿيندو:بلاول

اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ يوڪرين وچ ۾ ڪو دفاعي معاهدو ناهي ٿيو، نه ئي يوڪرين کي ڪو هٿيار فراهم ڪري رهيا آهيون. اميد آهي ته روس-يوڪرين ڪڻڪ معاهدي تي پاڪستان جي خدشن تي غور ٿيندو. ڪالهه يوڪريني هم منصب ڊميٽرو ڪليبا سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته روس -يوڪرين جنگ ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسئلا ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين وچ ۾ ڪو دفاعي معاهدو ناهي ٿيو، اسان خطي ۾ امن چاهيون ٿا ۽ پاڪستان يوڪرين سان ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، يوڪرين سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ چاهيون ٿا. يوڪريني پرڏيهي وزير ڊميٽرو ڪليبا چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين وچ ۾ سٺا لاڳاپا آهن، واپار ۽ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. عالمي مارڪيٽ ۾ يوڪريني شين جي پهچ کي آسان بڻايو ويندو، اسان جي سلامتي ۽ خود مختياري جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃون ٿا. جڏهن ته پاڪستان ۽ يوڪرين واپار، سيڙپڪاري، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، دفاعي تعاون، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت گڏيل فائدي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته پراڻا علائقائي تڪرار اسان جي گڏيل سلامتي کي ڪهڙي طرح خطري ۾ وجهي سگهن ٿا، يوڪرين جي تڪرار اسرندڙ ملڪن ۽ گلوبل سائوٿ جي لاءِ خاص طور تي ٻارڻ، خوراڪ ۽ ڀاڻ جي حوالي سان مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن ۽ پاڪستان به ان کان ڌار نه آهي. هن چيو ته يوڪرين جي پرڏيهي وزير سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ اهميت وارن علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي ٺوس ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، پاڪستان جا يوڪرين سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ جي ملاقات ۾ اسان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ باقاعده ڳالهه ٻولهه ۽ انگيجمنٽ جي اهميت تي اتفاق ڪيو، اسان مقرر وقت ۾ مختلف اداراجاتي مڪينزم جا اجلاس منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي، اسان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڳالهه ٻولهه ۾ يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، مون يوڪرين جي پرڏيهي وزير سان موجوده صورتحال تي پنهنجي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيوان موقعي تي يوڪرين جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين وچ ۾ 30 سالن کان لاڳاپا قائم آهن، اسان واپار ۽ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ يوڪريني شين جي پهچ کي آسان بڻايو وڃي. پاڪستان سان واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ چاهيون ٿا، پاڪستاني شاگردن کي تعليمي سهولتن کانسواءِ پاڪستان کي ڊيجيٽلائيزيشن آف اسٽيٽ سروسز ۾ معاونت ڪري سگهون ٿا. ان کان اڳ يوڪرين جو پرڏيهي وزير ديمترو ڪوليبا پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو ته بلاول ڀٽو زرداري شاندار استقبال ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button