
ورلڊ جونيئر اسڪواش چيمپيئن شپ کٽيندڙ پاڪستاني رانديگر محمد حمزا آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي آهي. آئي ايس پي آر جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي تھ جونئير اسڪواش چچيمپيئن محمد حمزا جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران جنرل عاصم منير محمد حمزا کي عالمي اعزاز ماڻڻ تي مبارڪ ۽ شاباس بھ ڏني. آرمي چيف چيو تھ اوهان جهڙا باصلاحيت نوجوان اسان جو فخر آهن، فوج نوجوان ٽيلنٽ جي حمايت جاري رکندي، اوهان جا تعليمي خرچ کڻڻ جو واعدو آهي.