
فٽبال ورلڊ ڪپ جا هوم ميچ ڪرائڻ پاڪستان فٽبال فيڊريشن لاءِ تمام وڏو چيلنج قرار ڏنو ويو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ۾ هوم ميچ جي ڏس ۾ اسٽيڊيمز جي دستيابي فيفا معيار مطابق قرار نھ ڏني وئي آهي، جڏهن تھ اهي ٻئي اسٽيڊيم پي ايف ايف جي آپشن ۾ شامل هئا، پر انهن اسٽيڊيمز ۾ فلڊ لائيٽس جو معيار، ڪمرن جي حالت، ميڊيڪل، ڊريسنگ روم، ٽيڪنيڪل آفيشلز روم ۽ براڊَ ڪاسٽرز روم جي اڻاٺ آهي، جيڪي عالمي ميچ لاءِ لازمي آهن. ياد رهي تھ ڪواليفائر ميچن لاءِ اسٽيڊيمز جي دستيابي 18 آگسٽ کان اڳ فائنل ڪرڻي آهي.