رانديون

افغان بالر مجيب بابر ۽ رضوان جي وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب

افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي بالر مجيب الرحمان پاڪستان خلاف پهرين ون ڊي ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان جي وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق ميچ دوران مجيب الرحمان انتهائي شاندار بالنگ سان شروعات ڪئي ۽ پاڪستان جي ڪپتان بابراعظم کي رنسن جو کاتو کولڻ بنا ئي آئوٽ ڪري واپس پويلين موڪلي ڇڏيو، جڏهن تھ هن محمد رضوان کي رڳو 21 رنسن تي آئوٽ ڪري پاڪستان جي ٻي اهم وڪيٽ پڻ وٺي سمورن ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. مجيب الرحمان اسام مير کي بھ آئوٽ ڪري مجموعي طور 3 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button