اسلام آبادپاڪستان

ڏکڻ وزيرستان ۾ جهڙپ،6 فوجي جوان شهيد،4 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: خيبرپختونخوا جي قبائلي ضلعي ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 6 جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڏکڻ وزيرستان جي علائقي عثمان منزه ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران پاڪ فوج جي جوانن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي موثر انداز ۾ نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 2 دهشتگرد زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 6 فوجي جوان بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي موجودگي جي شڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو پيو وڃي. آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button