رانديون

افغانستان 59 رنسن تي ڍير،پاڪستان 142 رنسن تان فاتح

ڪولمبو: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم افغانستان کي 142 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. هنبن ٽوٽا ۾ کيڏيل ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ افغانستان جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 59 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. افغانستان طرفان رحمان الله گربز 18 ۽ عظمت الله عمرزئي 16 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان حارث رئوف 5، شاهين شاهه آفريدي 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته نسيم شاهه ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان جي ٽيم 48هين اوورن ۾ 201 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستاني اوپنر فخر زمان جلد ئي وڪيٽ وڃائي ويٺو، هو صرف 2 رنسون ٺاهي سگهيو، جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم هڪ به رنس نه ڪري سگهيو. ٻين رانديگرن ۾ مڊل آرڊر بيٽسمين آغا سلمان 29 بالن تي صرف 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، امام الحق 61، شاداب خان 39، افتخار احمد 30، محمد رضوان 21 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، نسيم شاهه 18 رنسن ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button