اسلام آبادپاڪستان

اڳوڻي حڪومت جي پاليسين جو تسلسل جاري رکنداسين:نگران وزيراعظم

اسلام آباد/ڪراچي:نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت مختصر مدي لاءِ آئي آهي، بنيادي ذميواري اليڪشن لاءِ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ آهي. حڪومتي نظام ۾ وڏي تبديلي نٿي آڻي سگهجي، قائدن ۽ ضابطن ۾ سنگين ڀڃڪڙي جي صورت ۾ مداخلت جو اختيار حاصل آهي. اڱاري تي نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت وٽ روزمرهه حڪومتي معاملن جي نگراني جو اختيار آهي، معمول جي پاليسين تي عمل ڪندا رهنداسين. هن چيو ته گذريل حڪومت جون پاليسي جاري رکنداسين، قومي اسيمبلي آئيني مدو پورو ڪري ٽٽي چڪي آهي. اليڪشن هاڻي ٿيڻي آهي، پارليامينٽ جو مٿيون ايوان ڪم ڪري رهيو آهي، جيستائين قومي اسيمبلي جو ايوان نٿو اچي قانونسازي نٿي ٿي سگهي. سمورن وزيرن جي پنهنجي وزارتن مان بريفنگ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. ايندڙ ڪابينا اجلاس جي ايجنڊي جو فيصلو بريفنگ جي بنياد تي ڪيو ويندو. ٻئي طرف اڱاري تي قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته قائد جي مزار تي حاضري جو شرف حاصل ٿيو، آئيني گهرجن جي روشني ۾ هي حڪومت محدود مدي لاءِ وجود ۾ آهي، چونڊ عمل ۾ مدد ۽ نگراني لاءِ پنهنجون سموريون توانائيون ۽ ڪردار ادا ڪنداسين ۽ ڪوشش هوندي ته هن عمل کي شفاف ۽ اڻ ڌرئي انداز ۾ مڪمل ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ نظريه پاڪستان کي اوليتي بنيادن تي هٿي ڏيڻ جو عزم ظاهر ڪندي چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح هميشه اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي، نگران حڪومت پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪندي شفاف چونڊن لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين. ان موقعي تي گورنر ڪامران ٽيسوري، نگران سنڌ جو وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ۽ نگران سڌسماءَ جو وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ ٻيا ڪابينا ميمبر به موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button