پاڪستانسنڌ

“فاطمه سان انصاف ڪريو” ايس يو پي، سنڌياڻي تحريڪ، جماعت اسلامي ۽ ٻين تنظيمن جا مظاهرا

حيدرآباد: راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل معصوم ٻارڙي فاطمه ڦرڙو سان انصاف لا ايس يو پي، سنڌياڻي تحريڪ، جماعت اسلامي ۽ ٻين تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ۽ ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ زين شاهه معصوم نياڻي جي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪئي ۽ مدد جي خاطري ڪرائي. ان سلسلي ۾ راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ بيدري سان قتل ٿيل معصوم ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي وارثن وٽ ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه پهچي تعزيت ڪئي. هن ڳالھائيندي چيو ته فاطمه ڦرڙو کي پيراڻي حويلي ۾ بيدردي سان تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، جنهن تي سڄي سنڌ ڏکاري آهي. ھن گھر ڪئي ته فاطمه ڦرڙو واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. جماعت اسلامي جي امير مولانا سراج الحق پڻ ڳوٺ علي محمد ڦرڙو پهچي نياڻي جي وارثن سان تعزيت ڪري ڏک ونڊيو. ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته فاطمه ڦرڙو پوري پاڪستان جي قوم جي ڌي هئي، ان جي شهادت سان سڄي قوم جو ڪنڌ شرم وچان جهڪيل آهي، فاطمه جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ڏيارڻ تائين جدوجهد جاري رکنداسين. هوڏانهن حيدرآباد ۾ قائدين سنڌ فورم طرفان معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ انصاف لا پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.. ان موقعي تي گل بيهڻ، زبير ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو. خيرپور ۾ قتل ٿيل نينگري فاطمه ڦرڙو واري واقعي خلاف جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سوين ڪارڪنن سان گڏ ريلي ڪڍي قومي شاھراھه کان ٿيندي دستگير گيٽ وٽ پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. جتي سراج الحق ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته نينگري فاطمه ڦرڙو جي تڙپندڙ لاش سان گڏ سڄي سنڌ تڙپي پئي، سڄي سنڌ جو عوام تڙپي پيو آھي. سنڌ اندر ھر روز قيامت برپا ٿي رھي آھي، روز سنڌ ۾ ظلم جا نوان واقعا پيش اچي رھيا آھن، سنڌ جي عوام سان پ پ پ ظلم ڪري غلام بڻائي رکيو آھي، سنڌ ۾ پ پ سردارن، پيرن ۽ وڏيرن کي پاڻ سان گڏ ڪيو آھي، جنھن ڪري سنڌ ترقي نه ڪري سگھندي. ھن وڌيڪ چيو ته فاطمه جي واقعي ۾ جيڪو به پير ملوث آھي، اھو انسان نه پر درندو آھي، فاطمه جھڙو واقعو سنڌ ۾ حڪمراني ڪندڙ ڀوتارن جي نياڻين سان پيش اچي ھا ته پوءِ انھن جون اکيون کلن ھا، سراج الحق صدر پاڪستان ۽ نگران وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي گهر ڪئي ته فاطمه جي قتل جي شفاف انڪوائري ڪرائي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي. ان موقعي تي اسدالله ڀٽو، مجتبى محنتي ۽ ممتاز سھتو پڻ خطاب ڪيو. مسڻ وڏي ڀرسان يوسي بيگن جروار جي ڳوٺ بيگن جروار ۾ نوجوان جروار اتحاد پاران ڪامريڊ عبدالستار جروار ۽ مزمل جروار جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. خيیرپور سوين عورتن ريڊيو پاڪستان کان ايس ايس پي آفيس تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو، جنهن جي اڳواڻي سماجي اڳواڻ شھناز شيخ، سجاده بانو، نور جھان، فياض خميساڻي، نور محمد تنيو ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي ھنن ڳالهائيندي چيو ته وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جنھن عمر ۾ معصوم ٻارڙي فاطمه کي اسڪول وڃڻو هو، ان عمر ۾ کيس زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، اسد شاھه ظلم جي حد ڪري ڇڏي آهي، فاطمه اسان جي به نياڻي آهي، جوابدار اسد شاهه کي سزا ڏني وڃي. ھنن سڀني کي ھٿ ٻڌي اپيل ڪئي ته پنهنجي معصوم ٻارڙن کي 2 يا 3 ھزار جي ڪري حويلين ۾ نه موڪليو. ميرپور بٺورو ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ ضلعي سجاول پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي آرگنائيزر صدوري زئور، فاطمه ڪنول چوهاڻ، ساجده پرهياڙ، حسنه پرويز ميمڻ، نورجهان ميمڻ، نسرين ٻائيتار، شھربانو سوڍو ۽ ٻين خطاب ڪيو. دادو ۾ سماجي تنظيم پاڪستان هيومن رائيٽس فورم جي سڏ تي ممتاز پنهور، سڪندر پنهور، ابراهيم جمالي، حسينه لغاري، مجيب پنهور، فاروق جتوئي، آصف جمالي، مختيار جتوئي ۽ ٻين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي علاما آئي آئي قاضي لائبرري کان مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. نيوسعيدآباد ۾ تعلقي پريس ڪلب جي اڳيان ايس يو پي ڪارڪنن ضلعي مٽياري جي صدر غلام مصطفى رند ۽ جنرل سيڪريٽري سھيل قريشي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو. ھوسڙي ۾ چيئرمين بشير احمد سيٺار، سماجي اڳواڻ مير محمد چانڊيو، خميسو جوڳي، منظور علي ۽ مجاھد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button