اسلام آبادپاڪستان

مدد علي سنڌي کي سول سوسائٽي طرفان آجياڻو،خراج تحسين پيش

اسلام آباد:سنڌ جي نامياري اديب مدد علي سنڌي کي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جو نگران وفاقي وزير مقرر ٿيڻ کانپوءِ اسلام آباد آمد تي سول سوسائٽي ڀليڪار ڪندي سندس مانَ ۾ آجياڻو رکيو. اسلام آباد جي سول سوسائٽي جي ميمبرن نور هاليپوٽو، عرفان انصاري، سيد فياض شاهه، اشفاق چانڊيو، نصير ميمڻ، قاضي فيض ۽ ٻين نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي کي اسلام آباد آمد تي ڀليڪار ڪيو ۽ سندس تعليم، ادب ۽ تحقيق جي شعبي ۾ لازوال خدمتن تي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو. هنن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته مدد علي سنڌي فنون لطيفه سان واڳيل ڪم ۽ ڪردار سان سنڌ صوبي سميت سڄي ملڪ جي خدمت ڪئي آهي ۽ هاڻي نگران وفاقي وزير مقرر ٿيڻ کانپوءِ کيس ملڪ جي وڌيڪ خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. هنن چيو ته مدد علي سنڌي هڪ سچو ۽ ديانتدار شخص آهي، سندس خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي اسلام آباد جي سول سوسائٽي جا ٿورا مڃيندي چيو ته نگران وفاقي وزير ٿيڻ سندس لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي ۽ سندس اها ڪوشش هوندي ته هو ان منصب سان انصاف ڪندي ملڪ جي عوام جي خدمت ڪري. هن چيو ته کيس وفاقي وزير ٿيڻ سان سول سوسائٽي جيڪا محبت ۽ پيار ڏنو آهي، اهو ڪڏهن وساري نٿو سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button