رانديون

ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ نيپال ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پهچي وئي

ڪراچي: ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ نيپال ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پهچي وئي آهي. ڪراچي پهچڻ تي ٽيم جو شاندار استقبال ڪيو ويو، بعد ۾ ٽيم کي خاص سيڪيورٽي انتظامن هيٺ مقامي هوٽل پهچايو ويو. نيپالي ٽيم ايندڙ ٻن ڏينهن تائين نيشنل اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس ڪندي. ڇنڇر ڏينهن ڪراچي جي جمخانا گرائونڊ ۾ پريڪٽس ميچ کيڏڻ کانپوءِ نيپالي ٽيم ٻئي ڏينهن 27 آگسٽ تي ملتان رواني ٿيندي. واضح رهي ته نيپال ۽ پاڪستان وچ ۾ ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ 30 آگسٽ تي ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button