رانديون

آ سي سي جي رينڪنگ جاري، ون ڊي بيٽسمينن ۾ بابراعظم جي بادشاهي برقرار

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ون ڊي ۽ ٽي-20 رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. آءِ سي سي موجب قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم 880 پوائنٽس سان ون ڊي بيٽسمينن ۾ بدستور پهرين نمبر تي موجود آهي. ڏکڻ آفريڪا جو وين ڊير ڊوسن 777 پوائنٽس سان ٻئين، پاڪستان جو امام الحق ٽئين، ڀارت جي شبمان گل چوٿين ۽ پاڪستان جو ئي فخر زمان پنجين نمبر تي آهي. بالرن ۾ آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ پهرئين نمبر تي آهي. پاڪستان جو شاهين شاهه آفريدي نائين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته حارث رئوف 7 درجا ٽپو ڏئي 36 هين نمبر تي اچي ويو آهي.

ٽاپ 10 ۾ افغانستان جا 2 بالر به شامل آهن، جن ۾ مجيب الرحمان ٽئين ۽ راشد خان چوٿين نمبر تي آهي. ٽي-20 بيٽسمينن ۾ ڀارت جو سوريا ڪمار ياديو پهرين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته پاڪستان جو محمد رضوان ٻئي ۽ بابر اعظم ٽئين نمبر تي آهي. ٽي 2- بالرن ۾ افغانستان جو راشد خان بدستور پهرئين نمبر تي آهي پر ٽاپ 10 ٽي-ٽوئنٽي بالرز ۾ پاڪستان جو ڪوبه رانديگر شامل ناهي. حارث رئوف 13 هين، شاداب 15 هين ۽ شاهين آفريدي 16 هين نمبر تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button