اسلام آبادپاڪستان

نيپرا بجلي 5 رپيا 40 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد :نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي 5 روپيا 40 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. . نيپرا ٽه ماهي ايڊجسمينٽ جي لاءِ بجلي 5 روپيا 40 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني. منظوري سال 2022-23 جي چوٿين ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڏني وئي. بجلي مهانگي ٿيڻ جو اطلاق لائف لائين ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي نه هوندو. نيپرا بجلي مهانگي ڪرڻ بابت شنوائي جو فيصلو بعد ۾ جاري ڪندو. حتمي فيصلو ۽ نوٽيفڪيشن وفاقي حڪومت جاري ڪندي. شنوائي دوران نيپرا جي ميمبر رفيق شيخ چيو ته دعا ڪريو الله بهتر ڪري، صارفين جيان اسان به بل ادا ڪندا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button