اسلام آبادپاڪستان

انتهاپسندي جي گنجائش ناهي،ڌاڙيلن جون پناهه گاهون ختم ڪنداسين:گهرو وزير

اسلام آباد :نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي لاءِ پاڪستان ۾ ڪا به گنجائش ناهي. وفاقي حڪومت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهن. انهن ادارن کي سڀئي وسيلا مهيا ڪيا ويندا. گذريل ڏينهن نيڪٽا هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو. نيشنل ڪو آرڊينيٽر نيڪٽا، آءِ جي محمد طاهر راءِ، گهرو وزير کي بريفنگ ڏني. دوري دوران پاڪستان جي سيڪيورٽي صورتحال، نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۽ نيڪٽا جي نئين سر تنظيم سازي جو جائزو ورتو ويو. وفاقي گهرو سيڪريٽري عبدالله خان به موجود هو. گهرو وزير چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين جي قدر ڪري ٿي ۽ انهن قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏيندي. هن چيو ته پاڪستان جو قومي بيانئو پيغام پاڪستان فتويٰ تي ٻڌل آهي ۽ هر قسم جي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته قومي بيانئي جون ڪاپيون سمورن تعليمي ادارن ۾ فراهم ڪيون وينديون ته جيئن شاگردن کي ان بابت آگاهي ملي. دهشتگردي پارٽين جي بيانئي کي رد ڪيون ٿا. ميڊيا ۾ انهن کي ڪا به جاءِ نه ڏني ويندي. ڪجهه دهشتگرد پارٽيون اسان جو عزم ۽ حوصلو ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. اسان قربانيون ڏئي هن وطن جي حفاظت ڪندا رهنداسين ۽ دهشتگردن کي انهن جي انجام تائين پهچائينداسين. هن چيو ته سنڌو درياهه جي ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي پناهه گاهن جي خاتمي لاءِ صوبائي حڪومت ۽ صوبائي پوليس جي مدد ورتي ويندي. ڪچي جي علائقي کي پرامن بڻايو ويندو ۽ ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو ويندو. هن نيڪٽا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته نيڪٽا حقيقتن جي بنياد تي تجزيو ڪري دهشتگردي جي روڪٿام ۽ انتهاپسندي جي روڪٿام واريون پاليسيون ۽ حڪمت عملي جوڙي نيشنل ايڪشن پلان جي مانيٽرنگ جاري رکي وڃي. سموريون صوبائي حڪومتون ۽ لاڳاپيل ادارا ان تي مڪمل عملدرآمد ڪن. عملدرآمد جو جائزو هر مهيني مان پاڻ وٺندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button