اسلام آبادپاڪستان

صدر جو چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط،چونڊن بابت مشورن جي دعوت

اسلام آباد :صدر عارف علوي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان جاري ڪيل نوٽ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي خط لکي ڇڏيو آهي. صدر عام چونڊن جي تاريخ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي اڄ يا سڀاڻي ملاقات جي دعوت ڏني آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته صدر 9 آگسٽ 2023 تي وزيراعظم جي مشوري تي قومي اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏيو. آئين جي آرٽيڪل 48(5) جي تحت اسيمبلي ٽٽڻ کان پوءِ عام چونڊن جي تاريخ 90 ڏينهن کان اڳتي نه ٿيڻ گهرجي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي اڄ يا سڀاڻي صدر سان ملاقات جي لاءِ گهرايو وڃي ٿو جيئن مناسب تاريخ طئي ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button