پاڪستانسنڌ

وڏي وزير ۽ وزيراعظم جي ملاقات، ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت

ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان نگران وزيراعظم انوار الحق وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ڪراچي جي برساتي نالن ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شهر جي ٽن محمود آباد، گجر ۽ اورنگي نالن جي متاثرن جي بحالي ٿي رهي آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومت اڳ ۾ ئي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ تيزي آندي ويندي ڇاڪاڻ ته سيارو اچي رهيو آهي ۽ ماڻهن کي پنهنجن گهرن جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم وڏي وزير تي زور ڀريو ته هو ذاتي طور تي بحالي جي منصوبن تي عملدرآمد جي نگراني ڪري ته جيئن بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن.

ملاقات ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف عقيدن جي ماڻهن کي هڪ ميز تي آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته اسلام امن ۽ ڀائيچاري جو مذهب آهي. نگران وڏي وزير امن امان جي مجموعي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن ۾ بدامني پکيڙيندڙ ڌاڙيلن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ خاص ڪري ڪراچي ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائي سگهجي ٿي. وڏي وزير چيو ته هو بندرگاهه رکندڙ شهر ۾ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button