رانديون

سعودي ڪلب الهلال پاران صلاح کي 90 ملين يورو جي آڇ

سعودي عرب جي فٽبال ڪلب الهلال مصر جي مشهور فٽبالر صلاح کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ لاءِ 90 ملين يورو ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، جيڪا رقم پاڪستاني رپين ۾ 29 ارب 32 ڪروڙ 32 لک رپيا ٿئي ٿي. ميڊيا مطابق صلاح 2017ع کان لاڳيتو ليور پول جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، جنهن سان سندس معاهدو 42 ملين يورو جي رقم تحت ٿيو هو، جنهن بعد هاڻ کيس الهلال وڏي رقم جي آڇ ڏني آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ نيمار جونيئر بعد صلاح سان معاهدو ٿيڻ جي صورت ۾ صلاح مهانگو ترين فٽبالر بڻجي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button