رانديون

ارشد نديم ايٿليٽڪس چميپئن شپ جي فائنل ۾ ڪواليفائي ڪري ورتو

پاڪستان جي جيولن ٿرو ارشد نديم ورلڊ ايٿليٽڪس چميپئن شپ جي فائنل ۾ ڪواليفائي ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي جيولن ٿرو ارشد نديم ڪواليفائر رائونڊ جي ايونٽ ۾ پهرين ڪوشش ڪندي 70.63 ميٽر، ٻي ڪوشش دوران 81.53 ميٽر، ۽ ٽين ڪوشش ڪندي 87.79 ميٽر ٿرو ڪري فائنل ۾ جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. ان کان اڳ ڀارتي رانديگر نيرج چوپڙا پهرين ئي ڪوشش ۾ 89.77 ميٽر ٿرو ڪري ڪواليفائي ڪيو آهي. ياد رهي تھ ورلڊ ايٿليٽڪس چچيمپيئن شپ جا مقابلا 27 آگسٽ کان شروع ٿي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button